سوال/سروي عمران لانگ مارچ نه ڪندو، اڳ به لوهه ٿي ويو، سدائين ٻين جي آسري تي هوندو آهي: عوام

0
171
سوال/سروي عمران لانگ مارچ نه ڪندو، اڳ به لوهه ٿي ويو، سدائين ٻين جي آسري تي هوندو آهي: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڇا عمران خان 6 ڏينهن بعد ٻيهر لانگ مارچ ڪندو ؟ عمران خان چيو آهي ته عدليا کان تحفظ چاهيون ٿا: عمران جي بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته عمران خان ٻيهر لانگ مارچ نه ڪندو، پهريان به ناڪام ٿي ويو هو، باقي جيڪڏهن لانگ مارچ ڪري ٿو ته ان کي نه روڪڻ گهرجي، لانگ مارچ جمهوري حق آهي، عمران کي هن وقت عدالت جو آسرو آهي، سدائين ڪنهن نه ڪنهن  جي سپورٽ جي آسري تي هوندو آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالغفور سروهي لکيو ته بدقسمتيءَ سان هن ملڪ عوام جي ڳالھه ڪندڙ کي هميشه ڀت سان لڳايو ويو آهي، تسليم ڪيون ٿا ته حڪومت جي پهرين تجربي ۾ عمران خان کان ڪجهه غلطيون ٿيون، گل حسن شر لکيو ته سدائين ڪنھن نه ڪنهن جي سپورٽ جي آسري تي ھوندو آھي وڏي سرڪار وارا ھاڻي لفٽ نه پيا ڪرائينس ان لاءِ ھاڻي عدليا جي ٽيڪ وٺڻ پيو چاھي، ھي سدائين ڏڦيڙ پکيڙيندڙ رھيو آھي، عابد ڀٽي لکيو ته لانگ مارچ محدود ھوندو عمران خان پنھنجي سياست ختم ڪري چڪو آهي عوام جو ڪافي حد تائين اعتبار  عمران خان تان کڄي چڪو آهي.

سيف لکيو ته اسان ته سمجهون ٿا هتي قانون نه آھي هتي غريب انصاف لاءِ دربدر آھي هتي اسان جا پيارا سالن کان قيد آھن هنن لاءِ عدليا رات جو ناهي کلندي، نماڻو خان لکيو ته توبهه گرمي ۾ ڏنڊا کائڻ ڏاڍا ڏکيا آھن،20لک ماڻھن جي جاءِ تي 20ھزار به نه نڪتا، سليم اختر لکيو ته بلڪل ڪندو، جيڪا اسپيڊ موجوده حڪومت ورتي آهي انهن کان جلد ڇوٽڪارو ضروري آهي، علي بخش شر لکيو ته عمران خان کي پنهنجي پوري پلاننگ سان ميدان ۾ اچڻ کپي پهرين جيان تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي ڪارڪنن کي نڪرڻ ۾ ڪافي ڏکيائون پيش آيون، شاهد علي راڄپر لکيو ته لانگ مارچ جي ڪائي ايجنڊا ناهي عمران خان لانگ مارچ ڪري پاڻ کي ڪيش ڪرائڻ ٿو چاهي ، لانگ مارچ عوام جي سپورٽ سان ڪري عوام کي ئي ڀت سان لڳايو پيو وڃي، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته لانگ مارچ هر ڪنهن جو حق آھي عمران کي لانگ مارچ جي اجازت ڏني وڃي ۽ تحفظ ڏنو وڃي، اياز علي راهوجو لکيو ته ھاڻي عمران خان ڌرڻو نه ھڻندو ھر روز اھو ڊرامو نه ھلندو عوام لاءِ ڪنهن کي لاچار ناھي سڀ ڪجهه پنھنجي پيٽ لاءِ آھي،

قادر بخش زئور لکيو ته لانگ مارچ نه ڪندو اڳ به ڳالھه ڪري لوھ ٿي ويو ھاڻ اھڙو ڪم نه ڪندو، نادر ابڙو لکيو ته ٻيهر لانگ مارچ نه ڪرڻ گهرجي عمران خان کي سياسي سوچ رکڻ گهرجي ڇو ته ملڪ نازڪ حالتن مان گذري رهيو آهي باقي تحفظ ھر شھري جو حق آھي، فيض علي زرداري لکيو ته عمران خان ڪنٽينر واري سياست ڪڏهن ڪونه ڇڏيندو، ممتاز علي ڪلهوڙو لکيو ته جيڪڏھن عمران خان لانگ مارچ ڪري ٿو ته رڪاوٽ نـه وڌي وڃي، ممتاز ڪنڀر لکيو ته عمران خان اتحادي حڪومت ۽ ادارن کي 6 ڏينھن کان پوءِ وري لانگ مارچ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آھي جيئن اتحادي حڪومت ڊڄي وڃي ۽ ادارا ساڻس رابطو بحال ڪن. راسومل لکيو ته عمران جي هاڻي سياست ختم ٿي وئي آھي لانگ مارچ جي ڪا حيثيت ناهي، اشفاق چانڊيو لکيو ته ٿي سگهي ته لانگ مارچ ٿئي، اسامه سنڌي لکيو ته توهان کي لانگ مارچ جي لڳي آهي هتي منهنجو بابا 12 سالن کان گم آھي، لياقت علي نهڙي لکيو ته هاڻي عمران عدليا تي ڇڏيو آهي، هو ضدي آهي امپورٽڊ گورنمينٽ کي سک جو ساهه ڪونه کڻڻ ڏيندو، ميانداد مري لکيو ته مارچ ٿيندو، غلام رضا راڄپر به سروي ۾ حصو ورتو. عمر جان مري لکيو ته رڳو وزيراعظم ٿيڻو آهي،

آسودومل لوهاڻو لکيو ته ڪجھه ڪونه ٿيندو پهرين وانگر عوام کي واپس وٺي ويندو اڳ ۾ ويھه هزار ماڻھو هئا هاڻي ان کان به گهٽ هوندا، مشتاق بروهي لکيو ته فلم جي پڄاڻي ته ٿيڻي آهي، شاندار احمد مغل به سروي ۾ حصو ورتو، الهڏنو راهمون لکيو ته پيٽرول جو اگھه چڙھڻ کان پوءِ عمران خان لاءِ وڌيڪ آساني ٿي آھي ماڻھن جي بي چيني کي ڪيش ضرور ڪرائيندو. خادم سومرو لکيو ته لانگ مارچ سڀ ڊرامو آهي غريب عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، عرفان سيلرو لکيو ته هاڻي تڪڙ نه ڪندو ٿوري دير سان تاريخ ڏيندو، مولائي اسد ماڇي لکيو ته عمران وري جاني نقصان ڪري موٽي ويندو، قربان علي ميراڻي لکيو ته مارچ نه ڪندو، بشير ميراڻي لکيو ته عمران خان وزير اعظم هوندي به هڪڙي ڳالهه نه ڪئي، سو هاڻي به هروز نئين ڳالهه ڪري ٿو، قادر شر لکيو ته عمران خان جو پهرين مارچ فيل ٿي ويو هاڻي مشڪل ڪري ، عبدالستار بلوچ لکيو ته لانگ مارچ محدود هوندو، خاموش خليل شر لکيو ته لڳي ته مشڪل ٿو، شڪر جمال گجو لکيو ته عمران خان جي لانگ مارچ کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي،

امتياز بلوچ لکيو ته عمران خان ٻيھر لانگ مارچ نه ڪندو ، محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته اندروني ڪهاڻي واري قصي پڙھڻ کانپوءِ خبرون ملي رهيون آهن ته عمران خان بلڪل ڪمزور ٿي ويو آهي، حاڪم علي ڪٽوهر لکيو ته ٿي سگهي ٿو ته عمران خان ٻيهر مارچ ڪري، عبدالجبار لوڊو لکيو ته عمران خان لانگ مارچ ضرور ڪندو ڇو جو عوامي حمايت ھجڻ باوجود عمران خان مارچ نه ڪري سگھيو ته ڪارڪن ناراض ۽ مايوس ٿيندا گڏو گڏ تحريڪ انصاف پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي مقبوليت کي نقصان پهچائيندي، غلام رسول راهمون لکيو ته لانگ مارچ هر ڪنهن جو حق آهي مولانا فضل الرحمان، مريم نواز، بلاول ڀٽو کي به لانگ مارچ جي اجازت ڏني وئي ھئي، شيراز چانگ لکيو ته عمران خان ڪجھه به چڱو نه ڪندو، خان زرداري لکيو ته عمران خان لازمي عمل ڪندو، اڪبر علي جتوئي، محمد حنيف، ممتاز سميجو، سنتوش ڪمار به سروي ۾ حصو ورتو، ثناءُالله نظاماڻي، عاشق حسين، صدام سنڌي، عبداللطيف نهڙيو، مظفر بوزدار، حافظ حميدالله، فضل سبزوئي به سروي ۾ حصو ورتو، ڊاڪٽر خليق زمان لکيو ته عمران خان ملڪ ۾ فتنو فساد پيدا ڪري رھيو آھي موجوده حڪومت قانوني طريقي سان عمران خان کي شڪست ڏئي اقتدار حاصل ڪيو ھي فتني فساد کان ھٽي ڪري قانوني قدم کڻي ته انھي۾ ملڪ جي بھتري آھي.