اسلام آباد (م ڊ) پ پ اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته بشير ميمڻ جي انڪشافن ملڪ ۾ جعلي احتساب جو پول کولي ڇڏيو آهي، عمران خان عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران اپوزيشن کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو، عمران خان پنهنجي عهدي جو ناجائز استعمال ڪيو، هن سرڪاري آفيسر کي غيرقانوني حڪم ڏنا، سرڪاري آفيسر کي غيرقانوني حڪمن تي مجبور ڪرڻ ڏوهه آهي.