عمران خان جون دعوائون ڪوڙيون ثابت ٿيون، پنجاب سرڪار مڪمل طور اڻڌري ثابت ٿي: سعد رفيق

0
204
عمران خان جون دعوائون

ڪراچي: وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته، وفاقي سرڪار جِي اتحادي جماعتن جو اجلاس سڏايو ويو آهي، مشاورت بعد ايندڙ حڪمت عملي جو فيصلو جلد ڪيو ويندو

پنجاب جَي چونڊ نتيجن تي ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته عمران خان جون دعوائون ڪوڙيون ثابت ٿيون، پنجاب سرڪار مڪمل طور اڻڌري ثابت ٿي، رياستي ادارن طرفان به ڪا ڌانڌلي ناهي ڪئي وئي اسان به عمران خان وانگر رينگٽ ڪري سگهون پيا

ھن چيو تھ اسان سدائين عوام جي فيصلي کي تسليم ڪيو آهي، هينئر به تسليم ڪيون ٿا، اسان جو مقابلو تيل جي وڌندڙ قيمتن ۽ مهانگائي سان هو، اسان پنهنجي سياست داءُ تي لڳائَي ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو

ھي به پڙھندا

پنجاب جي 20 تڪن تي ننڍي چونڊ، غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن ۾ پي ٽي آءِ ميدان ماري ورتو