فيس بوڪ تي جاهل شماري

0
149
فيس بوڪ تي جاهل شماري

 منهنجو پراڻو شرٽ مٽ يار ڪامريڊ رمون سنهڙو هڪ ئي وقت پنج ڇھه موبائل سيٽ اڳيان رکيو، خبر ناهي ڇا چيڪ ڪري، وري هڪڙي نوٽبڪ تي ڪجهه لکندو ٿي ويو. مون اچي سلام ورايو ته چيائين؛ سٺو ٿيو اچي وئين، سگريٽ ته پيئار

مون کي به ڄر وٺي وئي. چيم؛ ڪامريڊ! سگريٽن جي اگهه جي به خبر اٿئي پوءِ به سگريٽ گُهرڻ کان رهين ڪونه ٿو؟

چيائين؛ انتهائي اهم،  سنجيده ۽ عرق ريزيءَ وارو ڪم پيو ڪريان، سگريٽ هن وقت قوم جي سخت ضرورت آهي.

مون کيس سيريس ڏسي سگريٽ جو پيڪٽ ڏيندي پڇيو؛

اهڙو ڪهڙو اهم ڪم آهي، هنن سڀني موبائل سيٽن تي ته فيس بوڪ جا مختلف اڪائونٽ کليا پيا آهن.

سگريٽ دُکائي دستور موجب دونهن منهن ۾ هڻندي چيائين؛ “سنڌ ۾ جاهل شماري پيو ڪريان”

مون اچرج مان پڇيو؛ جاهل شماري!! پر جاهل شماريءَ جو فيس بوڪ اڪائونٽس سان ڪهڙو تعلق؟

رُکائيءَ مان چيائين؛ جنهن ڪم جي خبر نه هجي ته، ماڻهو ابتي ڳالھه نه ڪري، اڙي بيوقوف! فيس بوڪ جي پوسٽن ۽ ڪمينٽس مان ئي جاهل پيو ڳوليان.

“اوهه،  ويچارا اڻپڙهيل ماڻهو لکڻ ۾ چڪون ته ڪندا آهن. اهو ڪو ايڏو مسئلو ناهي جو تون کين جاهل چوين”؟

 مون ٿڌي نموني چيو پر ڪامريڊ هڪدم ڪاوڙ مان وراڻيو؛ جيڪا جاهل شُماري هلي پئي، تنهن ۾ ڪنهن اڻپڙهيل يا گهٽ پڙهيل جو نالو آهي ئي ڪونه، سڀ اعليٰ تعليم يافته، پروفيسر، اديب ۽ شاعر ئي آهن. ڊسٽرب نه ڪر، ڪم ڪرڻ ڏي… وڃ .. جاهلن جي سوشل ميڊيا تي وڏي رش آهي ۽ مون وٽ اسٽاف آهي ئي ڪونه.

آئون سگريٽ جو پيڪٽ ڇڏي هليو آيس. (فيس بوڪ وال تان ورتل)