اشو آف دي ڊي/کنوڻ کان ڪيئن پاڻ بچائجي

0
268
اشو آف دي ڊي/کنوڻ کان ڪيئن پاڻ بچائجي

  سانوڻيءَ جي مند۾ گجگوڙ وارا مينھن پون ٿا ته کنوڻ ڪرڻ وارا واقعا به پيش اچن ٿا، کنوڻ کان بچڻ لاءِ ھيٺين صلاحن تي عمل ڪرڻ گھرجي.

جيڪڏهن کنوڻ جي چمڪاٽ ۽ گرج جي آواز (گجگوڙ) وچ ۾ 30 سيڪنڊن کان گهٽ جو وقفو آهي ته اها ڳالهه خطري جي علامت آهي. جيڪڏهن ڪنھن شخص تي کنوڻ ڪري آهي ته ان کي فوري طور طبي امداد فراهم ڪئي وڃي،کيس اسپتال پھچايو وڃي. اھڙي شخص کي ھٿ لڳائي سگھجي ٿو. اھڙي شخص جي نبض تپاسيو ۽ ڏسو ته ساھه جو عمل جاري آهي يا نه. جيڪڏهن ساھه جو عمل جاري آهي ته ڏسو اھو شخص زخمي ته نه آهي. ياد رکو جنھن شخص تي کنوڻ ڪري ھوندي ان جي جسم تي ٻن ھنڌن تي سڙڻ جا نشان ھوندا . ھڪ اتي جتي کنوڻ ڪري ھوندي . ٻيو ان جاءِ تي جتان کنوڻ جسم مان ٻاهر نڪري وئي ھوندي. عام طور تي اھي پير ھوندا آھن.آگاھه رهو: ٻاهرين سرگرمين ۾ حصو وٺڻ کان پهريان يا سفر تي نڪرڻ کان اڳ موسم جي صورتحال بابت اڳڪٿي معلوم ڪريو. جيڪڏهن اڳڪٿي طوفاني برسات جو امڪان ظاهر ڪري ٿي ته پنهنجو سفر يا سرگرمي ملتوي ڪريو يا پڪ ڪريو ته سفر ۾ يا ٻاھرين سرگرمي ۾ اوهان کي مناسب محفوظ پناهگاهه ملي سگهي ٿي.

گھر اندر وڃو: ھي ھدايت ذھن ۾ رکو، “جڏهن کنوڻ جي گجگوڙ جو آواز ٻڌو ته ٻاھرين ميدان تي نڪرڻ کان پاسو ڪري هڪ محفوظ پناهه گاهه ڳوليو. محفوظ پناھه گاھه ۾ گهر ، آفيس، شاپنگ سينٽر يا ٻي ڪا جاءِ جيڪا بند ھجي، شامل آهن. بند ٿيل گاڏي ۾ شيشا چاڙهي ويھي سگھجي ٿو.جيڪڏهن توهان هڪ کليل علائقي ۾ ڦاسي ويا آهيو ، مناسب پناهه گاهه ڳولڻ لاءِ ترت عمل ڪريو. پنهنجو پاڻ کي خطري مان ڪڍڻ سڀ کان اهم عمل آهي. جيڪڏهن توهان کليل ميداني علائقن۾ ڦاٿل آھيو ته هيٺيان ڪم توهان جي خطري کي گهٽائي سگهن ٿا.

فوري طور تي بلند جاين جھڙوڪ جبل جي چوٽيءَ تان ھيٺ لھو .

زمين تي ليٽي نه پئو.

ويران وڻ هيٺ ڪڏهن به پناهه نه وٺو.

ڪاٺ جي ٺھيل عمارت ۾ پناھه نه وٺو.

پناهگاھه لاءِ ڪڏهن به ڪنھن ٽڪريءَ جي اوٽ نه وٺو.

فوري طور دريائن، ڍنڍن ڍورن کان پري نڪرو.

انهن شين کان پري رهو جن مان بجلي گذري ٿي (بجليءَ جون تارون، بجليءَ جا ٿنڀا، پن چڪيون ، وغيره)

جيڪڏهن توهان گروهه جي صورت ۾ گڏ آهيو ته هڪ ٻئي کان ڌار ٿيو. جيڪڏهن زمين تي کنوڻ ڪري ته ڌار ٿيڻ سان زخمين / مرندڙن جو تعداد گهٽجي ويندو.

کليل گاڏين ۽کليل جڳهن ۾ نه رهڻ گهرجي. طوفاني بارشن دوران ، کليل گاڏين ۾ پناھه وٺڻ کان بچڻ گھرجي. جهڙوڪ موٽر سائيڪل ، گولف ڪار. کليل اڏاوتن ۽ کليل جاين کان به پاسو ڪرڻ گھرجي. جهڙوڪ پورچ، راندين جا ميدان، گالف ڪورس ، پارڪ ،تلاءَ ، سوئمنگ پول ۽ سامونڊي ڪنارا. ڊگھي عمارتن جي ويجھو نه رهو،

گجگوڙ واري بارش دوران ڪنڪريٽ فرش تي ليٽي نه پئو. ان کان علاوه ، ڪنڪريٽ ڀتين جي اوٽ وٺڻ کان پاسو ڪريو. کنوڻ ڪنهن به ڌات واري تار يا سريي ذريعي ڪنڪريٽ ڀتين يا فرش ۾ سفر ڪري سگهي ٿي .پنھنجي ڍورن ڍڳن ۽ ٻين چوپاين کي کليل ميدان مان بند پناھ گاھ ۾ منتقل ڪريو.

اندروني حفاظت جون صلاحون:

جيتوڻيڪ توهان جو گهر هڪ گجگوڙ واري بارش جي دوران محفوظ پناهه گاهه آهي ، پر پوءِ به توهان اڃا خطري کي منهن ڏئي سگهو ٿا. گهر ۾ حفاظت سان رهڻ لاءِ ڪجهه صلاحون ڏجن ٿيون .

پاڻي کان پاسو:

غسل ڪرڻ ، فرش ڌوئڻ يا ٿانو ڌوئڻ کان پاسو ڪريو. ڇاڪاڻ ته کنوڻ عمارت جي پلمبنگ يا نلڪن پائيپن ذريعي سفر ڪري سگھي ٿي.

اليڪٽرانڪ سامان ھلائڻ کان پاسو ڪريو:

پنهنجي ڪمپيوٽر ، ليپ ٽاپ ، گيم سسٽم ، واشنگ مشين ، ڊرائير ، اسٽو ، يا بجلي سان ڳنڍيندڙ ڪا به شيءِ استعمال نه ڪيو.

بجلي ھلي وڃي ته ميڻ بتي جي جاءِ تي ٽارچ استعمال ڪجي.

تار واري فون کان پاسو ڪريو.

گجگوڙ واري بارش ۾ تار وارو فون ۾ استعمال لاءِ محفوظ ناهي. اھڙن فونن جي جاءِ تي بنا تار وارا فون يا سيلولر فون استعمال ڪجن. (فيس بڪ جي گروپ ويدر اپ ڊيٽ ۾ خادم حسين جي پوسٽ)