سکر (بيورو رپورٽ) نوشھروفيروز مان گرفتاري بعد ورھين کان گم ڪيل نوجوان عمران جوکيو واري ڪيس ۾ نوشھروفيروز جي عدالت طرفان ٽن اھلڪارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ھئي، سزا ٻڌايل جوابدارن طرفان سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پنھنجي وڪيل شبير احمد بوزدار معرفت نوشھروفيروز جي عدالت جي فيصلي کي چئلينج ڪندي درخواست داخل ڪرائي ھئي، جنھن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ھو ته ھو بيگناھ نه ڪيل ڏوھ جي سزا ڪاٽي رھيا آھن، عدالت انصاف ڏياري. وڪيل شبير احمد بوزدار موجب سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئينچ جي جسٽس ارشاد علي شاھ جي عدالت ثبوت نه ملڻ تي عمر قيد جي سزا آيل پوليس اھلڪارن محمد الياس سھتو، غلام رسول مري ۽ پنج سال جي سزا آيل انسپيڪٽر مريد حسين مريءَ کي باعزت بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.عمران جوکيو جي امڙ شاھين جوکيو جو چوڻ ھو ته پوليس 10 سال اڳ پٽ کي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آھي. خبر ناھي پٽ ڪٿي آھي. ڪجهه بهه نه ٿو ٻڌايو وڃي.