ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر 20 پئسا سستو: سون 104500 رپين تي بيٺل، ان ڏس ۾ ڪراچي صرافه بازار ۾ سون 104500 رپيا في تولو تي بيٺل رهيو، جڏهن ته چاندي 84 رپيا لاٿ سان 1447 مان 1360 رپين تي پهتي، هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 20 پئسا لاٿ سان 153.6 مان 153.4 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ 30 پئسا گهٽتائي سان 211.3 مان 211 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف يورو 50 پئسا واڌ سان 182.5 مان 183 رپين تي پهتو