اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جي سربراھه ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري عمران خان جي بيانن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هڪ شخص ادارن کي بدنام ڪرڻ جي هر حد پار ڪري چڪو آهي جنهن کي هاڻي وڌيڪ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، ادارن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش هڪ شخص جو حقيقي چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، بس گهڻو ٿي ويو، غير ملڪي ايجنٽ جي گذريل ڏينهن جي تقرير ٻڌڻ کان پوءِ ڪو به محب وطن ان جي پيروي ڪرڻ جو هاڻي سوچي به نه ٿو سگهي، هن چيو ته هڪ شخص منهنجي ابن ڏاڏن، منهنجي ٻارن ۽ منهنجي ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي ڪڍ پئجي ويو آهي جنهن جي اسان اجازت نه ڏينداسين، هي اهو ملڪ آهي جتي اسان سڀني کي دفن ٿيڻو آهي، اسان هڪ شخص کي اجازت نه ڏينداسين ته اهو اسان جي قدرن ۽ اسان جي ملڪ سان کلواڙ ڪري، ميجر جنرل فيصل سميت پاڪ آرمي جي بهادر ۽ مايه ناز آفيسرن تي الزام دراصل ان اداري تي حملو آهي جنهن سان گڏ پورو پاڪستان بيٺل آهي، هڪ شخص ڪوڙ ۽ دوکي سان پنهنجي معصوم ڪارڪنن کي بيوقوف بنائي رهيو آهي مان ان شخص جو زوال ڏسي رهيو آهيان.