عمارت جي تعمير لاءِ ڪيل کوٽائي دوران خزانو برآمد

0
489

نئين دهلي (دلچسپ نيوز) عمارت جي تعمير لاءِ ڪيل کوٽائي دوران خزانو برآمد ٿيڻ بعد ماڻهن جا ميڙا لڳي ويا، ناڻي کاتي جي عملدارن پهچي هٿ آيل خزانو قبضي ۾ وٺي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست تلنگانه جي ضلعي جنگائون پيمبر ۾ هڪ شهري نرسهما پلاٽ خريد ڪيو، شهري نرسهما خريد ڪيل ان 11 ايڪڙ زمين تي عمارت جي تعميرلاءِ کوٽائي شروع ڪرائي. کوٽائي دوران مزدورن کي زمين ۾ پوريل هڪ 5 ڪلو وزني گهڙو مليو، جنهن تي هو حيران ٿي ويا، مزدورن ان گهڙي کي صحيح سلامت ڪڍي ٻاهر آندو جڏهن مزدورن ان گهڙي کي ٽوڙيو ته ان مان 18 پونڊ سون ۽ ٽامي جا زيورنڪتا جڏهن ته 2 ڪلو چاندي پڻ هٿ آئي، خزانوهٿ اچڻ واري خبرڦهلجڻ بعد ماڻهن جو وڏو انگ پهچي ويو جڏهن ته ناڻي کاتي جي ٽيم پهچي پوليس جي مدد سان خزانو قبضي ۾ ورتو.