قرنطينيا:آرٽسٽ ڪاغذ جو گهوڙو تيارڪري ورتو

0
306

برسبين(دلچسپ نيوز) قرنطينيا دوران بوريت ختم ڪرڻ لاءِ آرٽسٽ ڪاغذ جو گهوڙو تيارڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب نيوزيلينڊ جو آرٽسٽ ڊيوڊ ميريٽ آسٽريليا پهچڻ بعد قرنطينيا ۾ ويٺو، قرنطينيا دوران کيس کاڌي پيتي جون شيون ڪاغذ ۾ ملنديون رهيون، ڊيوڊ ميريٽ بوريت ختم ڪرڻ لاءِ ڪاغذ سان گهوڙوٺاهڻ شروع ڪري ڏنو، آرٽسٽ 11 ڏينهن دوران انهن ڪاغذن مان گهوڙو تيار ڪري ورتو. آرٽسٽ ڊيوڊ ميريٽ پنهنجي فن جو ڀرپور فائدو وٺندي انهن ڪاغذ جي ٽڪرن مان پنهنجي لاءِ جيڪيٽ پڻ ٺاهي ورتي.