علي امين گنڊاپور جو مبينا نشي ۾ ڌُت ٿي چيڪ پوسٽ تي حملو: پوليس

0
181

پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور طرفان مبينا طور نشي ۾ ڌُت ٿي پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو ويو آهي

ڀڪر پوليس جو چوڻ آهي ته علي امين گنڊاپور ڊيرا اسماعيل خان ويندي داجل چيڪ پوسٽ تي هنگاموڪيو، علي امين شراب جي نشي ۾ ڌُت هو

پوليس موجب تيز رفتاري سبب سندس گاڏي کي روڪيو ته پوليس سان بدتميزي ڪئي، سندس ساٿين پاران فائرنگ ڪئي وئي

چيڪ پوسٽ تي حملي بعد علي امين گنڊاپور فرار ٿي ويو، ڊي پي او جو چوڻ آهي ته واقعي بعد علي امين گنڊاپور جي 4 گارڊز کي گاڏي سوڌو تحويل ۾ ورتو ويو آهي

هي به پڙهندا

اسلام آباد ۾ عمران خان خلاف داخل سمورن ڪيسز جو رڪارڊ طلب