ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا عليزي شاهه جي بدناميان ذريعي گلوڪاري ۾ انٽري ٿي وئي. تفصيل موجب ڀلوڙ اداڪارا عليزي شاهه اداڪاري بعد گلوڪاري ۾ پڻ قدم رکي ڇڏيا آهن، اداڪارا سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي پنهنجي پهرين گاني بدناميان بابت اطلاع ڏنو، عليزي شاهه جو گانو بدناميان رليز ٿيندي ئي سپرهٽ ٿي ويو آهي، ساڻس گڏ گلوڪار ساحر علي بگا به پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو اهي، بدناميان گاني کي ساحر علي بگا ترتيب ڏنو آهي جڏهن ته ان لاءِ ليرڪس عمران رضا ترتيب ڏنو آهي.