ممبئي: (شوبز نيوز)ڀارت جي مشهور اداڪاره حنا خان عيدالفطر جي خاص موقعي تي پاڪستاني ڊيزائنر جي ڪپڙن کي چونڊ ڪيو.حنا خان انسٽاگرام تي پنهنجي عيد جون تصويرون اپ لوڊ ڪيون جنهن ۾ هن کي ڪاري رنگ جا انتهائي خوبصورت ڪپڙا پهريل هئا. اداڪاره پوسٽ جي ڪيپشن ۾ پاڪستاني ڊيزائنر مريم حسين کي مينشن ڪيو ۽ ٻڌايو ته هن ان جا ڪپڙا پاتا آهن.حنا خان جي ان تصوير کي ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ 5 لک کان وڌيڪ صارفين لائڪ ڪري چڪا آهن نه صرف ڀارتي مداح پر پاڪستاني مداح به ان جي تصويرن کي شيئر ڪري رهيا آهن.