اسلام آباد: جسٽس جمال خان مندوخيل چيو آهي ته عدالتي فيصلو ڪيترن ميمبرز جو آهي، اهو اسان جو اندروني معاملو آهي، سُپريم ڪورٽ ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال خان مندوخيل اٽارني جنرل طرفان اختلافي نوٽ جو معاملو اُٿارڻ تي ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهو ٻڌايو ڇا اليڪشن ڪميشن تاريخ ملتوي ڪري سگهي ٿي؟ ڇا 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ آئيني گُهرج آهي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته معاملو ڪليئر ڪرڻ تي جسٽس جمال خان مندوخيل جو ٿورائتو آهيان، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ۾ چيو ته اهو واضح آهي ته عدالت جي حڪم تي عمل ٿي چڪو آهي، اُن جي بنياد تي ئي چونڊ شيڊول جاري ٿيو هو.  وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته طئي اهو ڪرڻو آهي ته موجودا معاشي حالتن ۾ ملڪ لاءِ ڇا بهتر آهي جنهن جي جواب ۾ جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اوهان اهو معاملو عدالت ۾ ڇڏ نٿا کڻي وڃو جنهن تي فاروق نائيڪ جواب ڏنو ته اسان اهو معاملو پارليامينٽ ۾ ئي کڻي وڃڻ جو سوچي رهيا آهيون.