اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي تاريخ تبديل ڪرڻ جو اختيار ناهي، چونڊون ايمرجنسي لڳائي ئي ملتوي ڪري سگهجن ٿيون، هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ هٿ وجهڻ بدران غريب عوام لاءِ سوچيو وڃي. پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته بظاهر لڳي ٿو اليڪشن ڪميشن چونڊون ملتوي ڪرڻ جو دستاويز تڪڙ ۾ تيار ڪيو، آئين ۽ قانون ۾ اليڪشن ڪميشن کي تاريخ تبديل ڪرڻ جو اختيار نه آهي، اهو واضح آهي ته اليڪشن ڪميشن وٽ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار ناهي، سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي اٽارني جنرل ۽ ٻنهي ڌرين جا وڪيل پيش ٿيا، چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته دهشتگردي جو مسئلو ته 90 جي ڏهاڪي کان هلي پيو، ڇا 90 جي ڏهاڪي ۾ چونڊون ملتوي ٿيون هيون؟ اهڙين حالتن ۾ به چونڊون ٿينديون رهيون، جسٽس منيب اختر چيو ته چونڊون ڪنهن به وقت ٿي سگهن ٿيون، اليڪشن ڪميشن کي تيار رهڻ گهرجي، حڪومت هلائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم ناهي، چيف جسٽس چيو ته آدم شماري کانپوءِ تڪبندين ۾ 4 مهينا لڳندا آهن، جسٽس منيب اختر پُڇيو ته ڇا آدمشماري دوران چوندون نٿيون ٿي سگهن؟ اٽارني جنرل چيو ته آدم شماري جي نتيجن جي بُنياد تي ئي چونڊون ٿينديون آهن، جسٽس منيب اختر چيو ته فوج جي سيڪيورٽي نه ڏيڻ واري ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، آئين موجب فوج ذميوار آهي ته چونڊن دوران ڊيوٽي ڪري، چيف جسٽس چيو ته سادو سوال آهي اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ اڳتي ڪري سگهي ٿي يا نه؟ اليڪشن ڪميشن وٽ اختيار آهي ڳالهه ختم ٿي ويندي، آئين جي ايمرجنسي پروِييَن ۾ ذڪر آهي ته خراب ترين حالتن ۾ چونڊون ملتوي ٿي سگهن ٿيون، ڇا هينئر ايمرجنسي جي صورتحال آهي جو چونڊون نه ٿين، عدالت پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چونڊ خرچن لاءِ ججز جي پگهار ۾ ڪٽوتي جي تجويز ڏيندي چيو ته ملڪ معاشي بحران مان گذري رهيو آهي، بحران مان نڪرڻ لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي آهي، پگهار مان 5 سيڪڙو ڪٽوتي سان چونڊن جو خرچ نڪري سگهي ٿو، هن چيو ته حڪومت وٽ ليپ ٽاپ ڏيڻ لاءِ پئسا آهن پر ڇا چونڊون انتهائي اهم معاملو آهي ان لاءِ رقم ڇو نٿي نڪري سگهي، حڪومت خرچ گهٽائي 20 ارب روپيا ڪڍي سگهي ٿي، چونڊن لاءِ سڄي بجيٽ جي ضرورت ناهي هوندي، 20 ارب روپين جو ڪَٽ اسان جي پگهارن تي به لڳائي سگهجي ٿو. عمر عطا بنديال چيو ته سُپريم ڪورٽ جي پهرين مارچ واري فيصلي تي عمل ٿي چڪو آهي، اِن معاملي کي ٻيهر عدالت ۾ پيش نه ڪيو وڃي، اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي هن چيو ته ٻن ججز جو اختلافي نوٽ ڏٺو آهي، سندن پنهنجو نقطئه نظر آهي، اختلافي نوٽ جو موجوده ڪيس سان سڌي ريت ڪوبه واسطو ناهي، فيصلو ڪيتري اڪثريت جو هو، اُن جو جائزو پوءِ به وٺي سگهجي ٿو، في الحال سنجيده معاملن تان ڌيان نه هٽايو، اٽارني جنرل  پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي تي اعتراض واريندي چونڊن جي ڪيس تي ٻڌڻي لاءِ فُل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا ڪئي اٽارني جنرل چيو ته عدالتي فيصلو 4 ٽي جي تناسب سان آيو ته ڪنهن حڪم جو وجود ئي نه ٿو ٺهي، جنهن جي ڀڃڪڙي ٿي هجي، عدالتي حڪم نه هو ته صدر تاريخ ڪيئن ڏئي پئَي سگهيو، پهرين مارچ واري عدالتي فيصلي کي پهرين طئه ڪيو وڃي، چيف جسٽس چيو ته پهرين مارچ وارو حڪم تاريخ ڏيڻ لاءِ هو، اڄوڪو ڪيس تاريخ تبديل ٿيڻ جو آهي، جمهوريت لاءِ چونڊون ضروري آهن، فني بُنيادن تي معاملو خراب نه ڪريو،  اٽارني جنرل چيو ته موجوده ڪيس ۾ استدعا ئي فيصلي تي عمل جي ٿيل آهي، چيف جسٽس چيو ته بئنچ جا ميمبر درخواست ۾ اُٿاريل سوالن جو جائزو وٺڻ لاءِ ويٺا آهن، توهان رڳو فني نقطي تي ڀاڙيو ٿا، سُپريم ڪورٽ جو اختيارِي دائرو درخواست تائين محدود ناهي هوندو. چيف جسٽس چيو ته سمورن قومي ادارن جو احترام لازمي آهي، ملڪ ۾ هينئر تشدد ۽ عدم برداشت آهي، معاشي حالتون ڏسو ته ماڻهو اٽي لاءِ قطارون لڳائي بيٺا آهن، هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ هٿ وجهڻ بدران ماڻهن جو سوچيو، پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته هر اداري کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻو آهي، چيف جسٽس چيو ته پي ٽي آءِ جي اعليٰ قيادت مان به اهڙي رويي جي توقع آهي، ڇا توهان پنهنجي سياسي قيادت سان ڳالهايو آهي؟ عدالت سان رابطو پي ٽي آءِ ڪيو آهي، تنهنڪري اڳڀرائي به پي ٽي آءِ کي ڪرڻ گهرجي، سُپريم ڪورٽ سُٺي نيت سان ڪيس کي ٻڌي رهي آهي، ڌُرين کي فيصلو ڪرڻو آهي ته حالتن کي ڪيڏانهن وٺي وينديون، ڇا اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ايمرجنسي لڳائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر چيو ته اَيبسوليُوٽلِي ناٽ، چيف جسٽس چيو ته توهان ته ڪنهن ٻئي کي ايبسوليوٽلي ناٽ چيو هو، چيف جسٽس جي ريمارڪس تي عدالتي ڪمري ۾ ٽهڪڙا مچي ويا.