عادلپور (ن پ ا) عادلپور ۾ دي سپريئر ماڊل اسڪول عادلپور جي شاگرد، شاگردياڻيون، استاد ثقافتي رنگن سان رنگجي ويا. روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سڏ جي آجيان، سنڌو تو ۾ساهه اسان جو جي سري هيٺ اعلانيل ايڪتا جي حوالي سان شاندار  ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي. پروگرام ۾ آيل مهمانن اسد الله ڪلوڙ، عزيزالله ۽ صحافين ۾ ماجد علي ڪلوڙ، محمد عيسيٰ ڪولاچي،  ساگر عباسي، فرمان علي لغاري، نثار احمد ٿهيم، جهانگير ابڙو، عبدالحميد دايو، خليل احمد ڪولاچي، قمر زمان لغاري ۽ ٻين کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا. ان دوران اسڪولي شاگردياڻين  ثقافتي ۽ لوڪ گيتن تي رقص ڪري ويٺلن کي  جهومائي ڇڏيو. دي سپريئر ماڊل اسڪولي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن صدام حسين ڪلوڙ، شعيب ڪلوڙ، سينگار علي، اسد الله ۽ ٻين  5 ڊسمبر ايڪتا جو ڏھاڙو ڀرپور نموني سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو.