رتوديرو (رپورٽ: عبدالله ڀٽو) پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز رتيديري پاران شاهه لطيف پبلڪ پارڪ ۾ ” سنڌو تو ۾ ساهه اسان جو “ جي سري هيٺ شاندار ايڪتا مچ ڪچهري ۽ راڳ رنگ جي محفل رچائي وئي، اسٽيج کي پينا فليڪس، اجرڪ ۽ رلين سان سيگاريو ويو. تقريب ۾ سياسي، سماجي، توڙي ادبي ڌرين پاران ڀرپور شرڪت ڪئي.  ، صحافين توڙي علمي ، ادبي ڌرين  به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، 05 ڊسمبر ايڪتا عيد کي ” سنڌو تو ۾ ساهه اسان جو “ جي عنوان سان ملهائڻ جو وچن ورجايو ويو، تقريب ۾شرڪت ڪندڙ مهمانن جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، سينئر صحافي ۽ ليکڪ نثار کوکر، جسقم مرڪزي اڳواڻ مومن سمون، اختر بليدي، مکي اشوڪ ڪمار، منوج ڪمار، مولا بخش بروهي، مير آصف جلباڻي، نويد عارباڻي، خالد اوڍو ، عبدالنبي ڀٽو ، سليم رضا سولنگي ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ، ايڪتا ڏينهن جي خالق علي قاضي ايڪتا عيد کي ” سنڌو تو ۾ ساه اسان جو “ جو عنوان ڏئي قوم ۾ اتساهه پيدا ڪيو آهي، هنن وچن ورجائيندي چيو ته اسان قومي  ايڪتا 05 ڊسمبر وارو ڏينهن” ٽائيم نيوز “ ۽  ”پنهنجي اخبار“  سان ملهائڻ جو وچن ڪيون ٿا ، ۽ ان ڏينهن ريليون ڪڍي سنڌو درياءَ کي ڀيٽا پيش ڪندا سون ۽ دعائون پڻ ڪندا سين ته سنڌو هميشه موج ۾ رهي سنڌ کي سر سبز ۽ زرخيز ڪندو رهي. جڏهن ته پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز رتيديري جي رپورٽر عبدالله ڀٽو مهمانن کي آجياڻو پيش ڪندي چيو ته اسانجو سرواڻ علي قاضي قومي ايڪتا ڏهاڙي کي ” سنڌو تو ۾ ساه اسان جو “ جو عنوان ڏئي هميشه جيان قوم ۾ جاڳرتا پيدا ڪئي آهي . جڏهن تقريب جي آخر ۾ سنڌ جي ناليواري فنڪارا شبانه سورٺ قومي گيت ڳائي محفل ۾ آيل مهمانن کي جهومائي ڇڏيو ، جڏهن ته ايڪتا مچ ڪچهري ۽ محفل موسيقي رات دير تائين جاري رهي.