اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اڄ نيويارڪ پراپرٽي ڪيس جي ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪري ڇڏي، درخواست ۾ ضياءُ الدين اسپتال ڪراچي جي تيار ڪيل ميڊيڪل رپورٽ به شامل ڪئي وئي آهي، ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آصف زرداري جي طبيعت بهتر ناهي، ڊاڪٽرن کيس غير ضروري سفر کان منع ڪئي آهي ۽ آرام جو مشورو ڏنو آهي، 29 جون تي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيشي کان پوءِ ڪراچي واپس وڃڻ وقت آصف زرداري سيني ۾ تڪليف ۽ ساهه جو مسئلو پيدا ٿيو هو، اسپتال جي رپورٽ جي بنياد تي آصف علي زرداري کي حاضري کان هڪ ڏينهن لاءِ ڇوٽ ڏنو وڃي.