پنجشير (م ڊ) افغانستان جي صوبي پنجشير کي طالبان مڪمل گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، مزاحمتي اتحاد سان جهڙپون،  وري جنگ جو خطرو پيدا ٿي ويو، پنجشير ۾ طالبان ۽ مزاحمتي اتر اتحاد ۾ ڳالهين باوجود نتيجو نه ڪري سگهيو، طالبان پنجشير  کي مڪمل طور گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، ذريعن موجب طالبان فورسز وادي پنجشير جي دروازي تي موجود آهي، ايندڙ قدم لاءِ قيادت جي حڪم جو انتظار ڪري رهي آهي. جڏهن ته طالبان قنڌار ايئرپورٽ جي ٽينڪ پارڪ جو ڪنٽرول به سنڀالي ورتو آهي، هوڏانهن ان کان اڳ ترجمان مزاحمتي اتحاد دعويٰ ڪئي آهي ته طالبان پنجشير ۾ موصلاتي نظام معطل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مواصلاتي نظام ختم ڪرڻ سان پنجشير وارن لاءِ مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، وادي ۾ روز مرهه جي شين جي کوٽ نه آهي، عام زندگي جو نظام هلي رهيو آهي، پنجشير جو گهيراءُ ڊگهي وقت تائين هليو ته بيڪ اپ موجود آهي، مزاحمت لاءِ به تيار آهيون.