ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) نواز ليگ  جي صدر شهباز شريف قومي حڪومت جوڙڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته  ڪا هڪ پارٽي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍي نٿي سگهي، ملڪ کي درپيش چئلينجز جو حل قومي حڪومت ۾ آهي، ايندڙ شفاف چونڊن ۾ اسانکي موقعو مليو ته قومي حڪومت ٺاهينداسين، اسين مفاهمت ۽ مزاحمت  بدران حڪومت کان رڳو شفاف چونڊن جو مطالبو ڪريون ٿا، اسان کي موقعو مليو ته ڪراچي کي پيرس بڻائينداسين، 74 سالن ۾ اسٽيبليشمنيٽ ڪنهن جي ايتري پٺڀرائي ناهي ڪئي، جيتري عمران خان جي ڪئي آهي، ڪالهه ڪراچي ۾ مزار قائد تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي توڙي  ميڊيا جي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن سان گڏجاڻي دوران ڳالهائيندي هن چيو ته اسين قائداعظم آڏو شرمنده آهيون، اسان سندس هدايتن ۽ چوڻين کي نظرانداز ڪيو آهي، پاڪستان ٺاهيندڙ لکين شهيدن ۽ قائداعظم جو روح تڙپندو هوندو، ملڪ جي باني جي هدايتن تي عمل ڪرڻ سان ئي مسئلن مان نجات ملندي، هن چيوته قائداعظم فلاحي رياست جو سپنو ڏنو هو، اسين 74 سال گذرڻ باوجود قائد اعظم جي هدايتن تي عمل ناهيون ڪري سگهيا، اسان جي روين سبب پاڪستان اڳ ۾ 2 حصا ٿي چڪو آهي، پوءِ به اسان سبق نه سکيو، هن چيو ته ڪراچي جي ترقي لاءِ اسان وٽ مختلف پروگرام آهن، اهو تاثر غلط آهي ته اسان اقتدار ۾ هوندي مزار قائد تي حاضري نه ڏني، هن چيو ته سنڌ ۾ نواز ليگ کي متحرڪ ڪريون پيا، سنڌ مان ڀرپور چونڊ وڙهنداسين، جيستائين ننڍا صوبا ترقي نه ڪندا تيستائين پاڪستان جي ترقي ممڪن ناهي، هن چيوته گرين لائين بس وفاق پاران سنڌ لاءِ تحفو هو، هتي 20-20 ڪلاڪن تائين بجلي بند رهندي هئي، اها لوڊشيڊنگ ڪنهن ڌاڳي ڦيڻي سان ختم ناهي ٿي، اسين جي اقتداري دور ۾  چين جي دوري وقت ٻين صوبن جا وزيراعليٰ مون سان گڏ هوندا هئا، هن چيو ته اسانکي افغانستان مسئلي تي رياستي پالسين تي هلڻ گهرجي، سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ اسانکي ٻڌايو ويو ته پاڪستان افغانستان ۾ ڪنهن خاص گروپ جي حمايت نه پيو ڪري،باقي افغان ڳالهين جي حمايت ڪريون ٿا،  حڪومت سازي، اليڪشن ۽ ٻين رياستي معاملن بابت افغان عوام کي پاڻ فيصلو ڪرڻو پوندو، هن چيو ته آئون مخالف ڌر جي جماعتن جو ٿورائتو آهيان جن مونکي قومي اسمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ چونڊيو، هاڻ منهنجو به فرض ٿئي ٿو ته آئون عوامي مسئلن تي آواز اٿاريان،  تاريخ جي بدترين، ڪرپٽ ۽ نااهل حڪمرانن کي بي نقاب ڪري سندن احتساب ڪريان، هن چيو ته مونکي نٿو لڳي ته ماضي ۾ اسٽيبلشمينٽ ڪنهن به حڪومت جي 30 سيڪڙو به مدد ڪئي هجي، جيتري هن حڪومت جي مدد ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته 2023ع جي اليڪشن شفاف ٿيڻ گهرجي، سمورين سياسي پارٽين کي حصو وٺڻ گهرجي، جنهن ۾ چونڊجي ايندڙ پارٽي کي عوامي خدمت جو موقعو ملڻ گهرجي، هن چيو ته پاڪستان ميڊيا اٿارٽي کي نواز ليگ ۽ پي ڊي ايم رد ڪري چڪا آهن، اسان سمورين سياسي جماعتن سان گڏجي پارليامينٽ ۾ هن ڪاري قانون جي مخالفت ڪنداسين، ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي تي قانونسازي جي حڪومتي ڪوشش پوري قوت سان ناڪام بڻائينداسين، آزاد صحافت، جمهوريت ۽ آئيني آزادين لاءِ  هي معاملو زندگي موت جو مسئلو آهي، انهي حساس ماري کي  اجاگر ڪنداسين، شايد حڪومتي بينچز تان به ڪنهن جو ضمير جاڳي پوي. هوڏانهن شهباز شريف ڪراچي جو دورو مڪمل ڪري منجهند ڌاري لاهور روانو ٿي ويو.