طالبان جنگ کٽي چڪا، يورپي يونين تسليم ڪري ورتو

0
231
طالبان جنگ کٽي چڪا

ڪراچي(م ڊ) يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزپ بوريل افغانستان ۾ طالبان جي فتح کي تسليم ڪري ورتو، هڪ بيان ۾ جوزپ بوريل چيو آهي ته طالبان جنگ کٽي چڪا آهن، اسان کي هنن سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون،

ٻئي پاسي ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هن چيو آهي ته طالبان چونڊيل حڪومت کي طاقت جي زور تي هٽايو آهي،

هوڏانهن برطانوي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته افغانستان جي صورتحال تي قطر ۾ اڃا ڳالهيون جاري آهن، اسان ڏسڻ ٿا چاهيون ته اهڙي قسم جي حڪومت ۾ اعتدال جي گنجائش آهي؟، برطانوي پرڏيهي وزير افغانستان جي سمورن ڌڙن تي ٻڌل حڪومت جي قيام جي اميد به ظاهر ڪئي آهي.

ھي بھ پڙھندا

افغانستان ۾ جنگ جو خاتمو اچي ويو، عالمي برادري سان گڏجي ھلڻ چاھيون ٿا: طالبان جو اعلان