افغانستان ۾ جامع حڪومت لاءِ ڳالهين جا نتيجا جلد سامهون آندا ويندا:طالبان اڳواڻ

0
221

ڪابل:افغان طالبان جَي سينيئر اڳواڻ امير علي خان متقي چيو آهي ته افغانستان ۾ جامع حڪومت لاءِ مقامي سياستدانن ۽ عالمي نمائندن سان ڳالهين جا نتيجا جلد سامهون آندا ويندا، افغان ميڊيا موجب  امير علي خان متقي سومر تي حامد ڪرزئي ۽ عبدالله عبدالله سان ملاقات ڪري جامع حڪومت تي زور ڏنو.

ڪابل ايئرپورٽ تان مسافر کڻي ويندڙ عالمي اڏامن ۾ واڌ اچي وئي آھي، پرڏيهي سيڪيورٽي عهديدار موجب هيل تائين فوجي جهازن ذريعي 2200 سفارتڪارن ۽ شهرين کي افغانستان مان ڪڍيو ويو آهي، اِهو واضح ناهي ته ڪابل مان ڪمرشل اڏامون ڪڏهن شروع ٿينديون..