ڪابل(دلچسپ نيوز) طالبان ايئرپورٽ تي سامان رکڻ واري هلندڙاسٽينڊ تي ويهي رهيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب عرب ميڊيا پاران سوشل ميڊيا تي شيئرڪيل هڪ انوکي وڊيو وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ ڪابل ايئرپورٽ تي طالبان سامان واري اسٽينڊ تي ويٺل نظراچن ٿا، هلندڙاسٽينڊ تي طالبان کي سامان سان گڏ ويهي مزوماڻيندي ڏسي سگهجي ٿو،لگيج ڪيريئر اسٽينڊ هڪ طالبان کي سامان واري ڪمري ۾ کڻي وڃي ٿو. ٻئي طرف ٻن طالبان کي ماربل جي فرش تي کيڏڻ ۾ مصروف ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته هوائي اڏي تي مسافرن جي اچ وڃ به جاري آهي.