نيويارڪ(دلچسپ نيوز)آمريڪي ٽيڪنالوجي ڪمپني آءِ ايس او 15 ۾ فوڪس موڊ جي نالي سان هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي.ان فيچر ۾ ڊو ناٽ ڊسٽرب موڊ کي وڌيڪ فعال ۽ بهتر بڻايو ويو آهي. حقيقت ۾ ايپل پراڻي ڊي اين ڊي موڊ کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي ڪجهه نوان فيچر شامل ڪيا آهن جن ۾ ڪالز ۽ پيغامن لاءِ فلٽر جي تخليق ۽ اوهان جي عدم دستيابي جي صورت ۾ پاڻ مرادو ۽ ڪسٽمائزيشن سان گڏ آٽو رپلاءِ جو فيچر به شامل آهي.فوڪس موڊ ۾ استعمال ڪندڙن کي وڌيڪ سهولتون ڏنيون ويون آهن ته جيئن وڌيڪ سولائي ۽ سهولت سان پنهنجي ڊو ناٽ ڊسٽرب موڊ کي ترتيب ڏئي سگھجي.دلچسپ ڳالهه اها آهي ته فوڪس موڊ ڪهڙي طرح ڪم ڪري ٿو ۽ ان کي ڪيئن ترتيب ڏنو ويو آهي.سڀ کان اڳ پنهنجي آءِ فون پيڊ ۾ آءِ او ايس 15 اپ ڊيٽ کي يقيني بڻايو، پوءِ سيٽنگز ايپ ۾ وڃي فوڪس آپشن جي چونڊ ڪيو. هتي اوهان کي اڳ کان موجود ڪجهه آپشن نظر ايندا.جن ۾ ڊو ناٽ ڊسٽرب، ڊرائيونگ، سليپ ۽ ورڪ شامل آهن. انهن آپشنز سان گڏ ئي سڌي پاسي + جو بٽڻ نظر ايندو + بٽڻ تي ٽچ ڪري اوهان ڪسٽم (پنهنجي مرضي موجب) فوڪس موڊ تخليق ڪري سگھو ٿا.