ڄام صاحب (رپورٽ: بشيراحمد شر) ڳوٺ بگٽي آباد جو رھواسي صوفي فنڪار خان فقير بگٽي ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري سندس ڄنگھه ڪٽجي وئي آهي ۽ فاقا ڪشي تي مجبور آهي. صوفي فنڪار خان فقير بگٽي ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته مون کي ڳائڻ جو ننڍپڻ کان شوق ھو ۽ شادين، ڪاڄن ۽ صوفي محفلن ۾ ڳائي پنھنجي گھر جو گاڏو ھلائيندو آھيان پر ھاڻي گذريل ٽن مھينن کان مون کي ڪينسر بيماري جو موذي مرض ٿي ويو جنھن ڪري ڊاڪٽرن منھنجي کاٻي ڄنگھه ڪٽي ڇڏي آھي، جڏھن ته ھاڻي مان معذور ٿي بستري تي پيل آھيان ۽گھر جو گاڏو ھلڻ به مشڪل ٿي ويو آھي ۽ ھاڻي فاقا ڪاٽڻ تي مجبور آھيون، اسان وزيراعليٰ سنڌ، ثقافت کاتي ۽ وس وارن کي اپيل ٿو ڪيان ته منھنجو علاج ڪرايو وڃي ۽ منھنجي مالي مدد ڪئي وڃي ته جيئن مان پنھنجي گھر جو گاڏو ھلائي سگھان.