احمدپور(ن پ ا) احمدپور ۾ علي نواز ميتلو، محمد علي ميتلو، علي اڪبر، علي خان ميتلو احتجاج ڪندي چيو ته صدرجي ڀٽيون ٿاڻي جي ننڍي منشي طيب الدين شيخ زمين تي ڪم ڪندڙ پورهيت علي نواز ميتلو تي بناجواز تشدد ڪري ڪپڙا ڦاڙي بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي خيرپور آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.