جاتي (ن پ ا) جاتيءَ جي يونين ڪائونسل غلام الله اوٺو جي ڳوٺ بچندو گهراڻو ۾ گهراڻا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪيءَ تان جهيڙو ٿي پيو. ان دوران ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. سمورن زخمين کي سول اسپتال سجاول نيو ويو. جهيڙي جي زخمين ۾ محمد گهراڻو، بدالواحد، غلام بني، علي احمد، علي مراد، نور احمد گهراڻو، ايوب رند، پيرو رند سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان عبدالواحد گهراڻو، ايوب ۽ علي احمد گهراڻو جي نازڪ حالت هجڻ سبب کين ڪراچي ريفر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن جهيڙي سبب علائقي ۾ خوف ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن. جهيڙي جو اطلاع ملڻ باوجود پوليس موقعي تي نه پهچي سگهي.