صحافين تي تشدد ڪندڙ ميرپورماٿيلو جو ايس ايڇ او رورٽ، معطل سکر رينج مان نيڪالي

0
710

ميرپورماٿيلو: ميرپورماٿيلو ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي رپورٽر برڪت ميراڻي تي تشدد واري معاملي ۾ ڊي آءِ جي سکر ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو خالد ميمڻ کي رورٽ ۽ معطل ڪري سکر رينج مان نيڪالي ڏئي ڇڏي. ميرپورماٿيلو جي ايس ايڇ او خالد ميمڻ کي سي پي او سنڌ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. نوٽيفڪيشن موجب رورٽ ٿيل آفيسر خالد ميمڻ مٿين رينڪ جي لاءِ نااهل آهي، معطلي دوران سندس پگھارون بند رهنديون ۽ سي پي او ۾ روزاني جي بنيادن تي حاضري لڳائڻ جو پابند هوندو. ڄاڻايل آفيسر خلاف انڪوائري هلي پئي، مجاز اختيارين جي منظوري کانسواءِ هٽايل آفيسر سي پي او سنڌ مان بغير اجازت جي موڪل به نه ڪري سگھندو.