سنڌ حڪومت ڪاوڙي ته آئون آئين کان مٿانهان فيصلا ٿو ڪريان: جسٽس آفتاب ڳورڙ

0
588

سکر: ڪتن ڏاڙھڻ تي ايم پي ايز جي ميمبر شپ معطل ڪرڻ، رٽائرڊ ملازمن جي پينشن جاري نه ڪرڻ تي سنڌ جي وڏي وزير سميت ڪابينا جون پگھارون بند ڪرڻ سميت پنھنجن دبنگ فيصلن سان مشهور جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ جي مان ۾ ھاءِ ڪورٽ بار سکر طرفان آجياڻو منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ ھاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ، سندن ماتحت عدالتن جي جج صاحبن توڙي سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار جي اڳواڻن قربان ملاڻو، علي گل عباسي، ايڊووڪيٽ ھادي بخش ڀٽ، محفوظ اعواڻ، علي رضا بلوچ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، آجياڻي تقريب ۾ ڳالھائيندي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي سينيئر جسٽس آفتاب احمد گورڙ جو چوڻ ھو ته ھن جيڪي فيصلا ڪيا خدا کي حاضر ناظر سمجهي ڪيا، مان رڳو خدا جي ذات اڳيان جهڪندو آهيان ڪنهن ٻئي اڳيان ناھيان جھڪندو، منهنجي فيصلن تي آفيسرن کي ڪاوڙ به لڳي ھوندي پر مان انصاف تي ٻڌل فيصلا ڪيا، سنڌ حڪومت چيو آفتاب احمد ڳورڙ آئين کان مٿانهان فيصلا ڪري ٿو، پر مان جيڪي فيصلا ڪيا اهي آئين مطابق آهن فيصلا سڀني جي سامهون آهن، فيصلا قانون مطابق ئي ڪبا قانون کان ٻاهر نه، ڪو راضي ٿئي يا نه ٿئي ان جي پرواهه ناهي رڳو الله راضي هجي، جسٽس آفتاب احمد گورڙ جي مقرري وارو مدو 5 جون تي مدو پورو ٿي رهيو آهي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار سکر طرفان سندس مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو.