ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ۽ ڪراچي جي اڳوڻي ميئر وسيم اختر وزيراعظم ميان شھباز شريف، مولانا فضل الرحمان ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان مخاطب ٿيندي چيو آھي ته ايم ڪيو ايم سان ٿيل معاھدن تي فوري طور عمل ڪيو وڃي،  ايئن نه ٿئي جو وقت گذري ۽ ايم ڪيو ايم ڪو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي، ڪالهه اين اي 245 تي ننڍي چونڊ جي مناسبت سان ريلي کي خطاب ڪندي ھن چيو ته 2018 جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جون سيٽون کسي ڪنهن ٻي جماعت کي ڏنيون ويون ھيون، جيڪي ساڍا 3 سالن دوران شھر لاءِ ڪجهه نه ڪري سگھيا، هن چيو ته ايم ڪيو ايم سدائين عوام جي ڳالهه ڪئي آھي، عوام ايم ڪيو ايم تي ئي ڀروسو ڪري ٿو، ھن چيو ته اسانجو صبر ھاڻي جواب پيو ڏئي، اسان سان معاھدو ڪندڙ وفاقي توڙي صوبائي حڪومت فوري طور معاھدن تي عمل ڪن