ڪراچي (رپوٽ: فقير سليم) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت خلاف ملڪ گير تحريڪ شروع ڪري رهيا آهيون، جيڪا 10 سيپٽمبرتائين جاري رهندي، انهي وچ ۾ هي حڪومت گهر ڀيڙي ٿي ويندي، وفاقي حڪومت اليڪشن جو اعلان ڪري ته ڳالهين لاءِ تيار آهيون، سنڌ اسيمبلي ٽوڙي وڃي ته پوءِ اسين پنجاب ۽ ڪي پي جون اسيمبليون ٽوڙڻ جو سوچينداسين، هن وقت ميثاق معيشت نه پر سياسي فريم ورڪ جي ضرورت آهي، ڪالهه  هتي اين اي 245 تي پي ٽي آءِ اميدوار محمود مولوي جي گهر تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هن حڪومت اسان جي ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪرڻ  واري سياست ڪئي ته  عمران موٽ ۾ شطرنج واري راند ڪندي 9 سيٽن تي اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو، ڪراچي جو عوام ايم ڪيو ايم ۽ پ پ مان نجات لاءِ پي ٽي آءِ کي  ووٽ ڏيندو،  هن چيو ته سنڌ جي ترقي ۾ سيد مراد علي شاهه رڪاوٽ آهي، پي ٽي آءِ سنڌ ۾ حڪومت ۾ اچي عوام جي خدمت ڪندي، هن متحده تي چٿر ڪندي  چيو ته ايم ڪيو ايم جا جيڪا مطالبا هئا، شايد سڀ پورا ٿي ويا آهن،ايم ڪيو ايم هاڻي پ پ ۾ ضم ٿيڻ واري آهي، هن چيو ته شهباز گل تي تشدد ڪيو ويو، انهي حوالي سان آزاد ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي، هن چيو ته شهباز گل کان اڳ مريم نواز، مولانا فضل الرحمان، ايازصادق ۽ ڪيپٽن صفدر اهڙا ئي بيان ڏئي چڪا آهن، انهن کي به گرفتار ڪيو وڃي، هن چيو ته هن وقت پي ٽي آءِ کي فوج مخالف جماعت طور ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته رات مراد سعيد شھباز گل وٽ ھو، انهي دوران سندس گھر ٻاھران گن مشين کڻي موٽر سائيڪل سوار گهمي رهيا ھئا ، اهي ماڻهو  ھٿيارن سان گڏ ريڊ زون ۾ داخل ڪيئن ٿيا ؟ انھن جا سي سي ٽي وي فوٽيج منظر عام تي آندا وڃن ،  اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل چيو ته سنڌ اسمبلي ۾  اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪري مٿس دٻاءُ وڌو پيو وڃي، آئون حڪمرانن کي چوان ٿو ته ايترو ظلم ڪريو، جيترو اوهان ۾ سھڻ جو دم ھجي