شھدادڪوٽ: شڪار ڪندڙن تي پوليس جي فائرنگ، ھڪ ڄڻو مارجي ويو، 2 مرڻينگ

0
265
سکر ويجهو مبينا پوليس

شھدادڪوٽ (ن پ ا) شهدادڪوٽ پوليس جو ڪارنامو سامھون آيو آھي، شڪار ڪندڙ ٽن ڳوٺاڻن کي ڌاڙيل سمجهي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، 2 مرڻينگ ٿي ويا

 ڳوٺاڻن موجب ڳوٺ ليمو خان جوڻيجو ڀرسان شڪار لاءِ بيٺل ڳوٺاڻن جَي هٿن ۾ هٿيار ڏسي گشت ڪندڙ پوليس مٿن فائرنگ ڪري ڏني.

ٽن زخمين مان مرتضيٰ جمالي لاڙڪاڻي نيئندي رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، شاهد جوڻيجو ۽ عامر جوڻيجو کي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.

پوليس جو موقف آهي ته، ڌاڙيلن سان مقابلو ٿيو، زخمي جوابدار ڏوهاري آهن، معاملي جِي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…