شھدادپور مان اغوا ٿيل ناري بازياب نه ٿي سگهي، امڙ کي بيهوشي جا دورا

0
218
شھدادپور مان اغوا ٿيل

شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور مان مبينا طور تي اغوا ٿيل ناري 10 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهي، سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن

شھر جي مائي سهڻي پاڙي مان اغوا ٿيل پنجاب واسڻ مهمان ناري مسڪان راجپوت جو ڏس پتو نه پئجي سگهيو، جڏهن ته الزام هيٺ آيل جوابدار حُب علي خاصخيلي به قانون جي پڪڙ ۾ نه آيو آهي

پوليس مٽياري ۾ ڪارروائي ڪري جوابدار جي ڀيڻيوي مشتاق کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار جي ڀيڻ سيما گهر خالي ڪري فرار ٿي وئي

پوليس پاران ناري بازياب نه ڪرائڻ بعد متاثرن ڌر راڄوڻي ذريعي ناري موٽرائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون،

ناري جي امڙ مسمات خالده جو چوڻ آهي ته ڌيءَ کي بازياب ڪرائي بيچيني دور ڪئي وڃي

ياد ر هي ته 24 فيبروري تي حُب علي خاصخيلي پنجاب مان شھدادپور دعوت تي آيل ناري مسڪان راجپوت کي مبينا طور اغوا ڪري ويو، جنهن جو پوليس طرفان واقعي جو ڪيس به داخل ڪيل آهي