شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور پوليس جي ڪارروائي، هڪ مھينو اڳ اغوا ٿي ويل مغوي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، تفصيل موجب ناپرڪوٽ ٿاڻي جي ڏاھاڻي پڪٽ تان هڪ مهينو اڳ اغوا ٿي ويل مغوي غوثپور واسي منظور پٽ سائين ڏنو سولنگي کي پوليس ڪارروائي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي حد مان مغوي کي بازياب ڪرايو، پوليس موجب ڏوهاري مغوي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته سندن پيڇو ڪري مغوي کي ڇڏائي ورتو، واضح رهي ته مھينو اڳ هٿيار بندن هٿيارن جي زور تي مغوي کي اغوا ڪيو هو جڏهن ته مزاحمت ڪرڻ تي ٽرڪ ڊرائيور ذاڪر سومرو کي ڌاڙيلن قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو ڪيس سرڪار پاران اي ايس آءِ عبدالوهاب جي فرياد تي  ناپر ڪوٽ ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي.