راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان نيوزيلينڊ کي ٻي ون ڊي ۾ شڪست ڏئي 5 ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 2-0 جي برتري حاصل ڪري ورتي. پاڪستان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. نيوزيلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 336 رنز ٺاهيون. ڊيرل مچل 129، ڪپتان ٽام لاٿم 98 ۽ چيڊ بووس 51 رنز ٺاهي نمايان رهيا. پاڪستان طرفان حارث رئوف 4 ۽ نسيم شاهه هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. پاڪستان 48.2 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. فخر زمان 144 بالن تي 6 ڇڪن ۽ 17 چوڪن جي مدد سان 180 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي، جڏهن ته محمد رضوان 54 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڪپتان بابراعظم 65 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. فخر زمان کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.