ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان ڳوٺ دودائڪو ۾ هٿياربندن پاران ڳوٺاڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي زخمي، خبر موجب ڳوٺ ٻاهران رستي تي بيٺل نوجوان وحيد ٻپڙ کي ٽن هٿياربندن اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نوجوان جي دانهن تي ڳوٺاڻا پهچي ويا، جنهن بعد هٿياربند نوجوان کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي ڪرمپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڳوٺاڻن کان تفصيل وٺڻ بعد واپس رواني ٿي وئي، واقعي بعد ڳوٺاڻن ۾ خوف پکڙجي ويو، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته بدامني وڌي وئي آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري.