شينهن روڊ تي اچڻ سبب شهرين جون ڊوڙون لڳي ويون

0
403
شينهن روڊ تي
شينهن روڊ تي

نوم پنا(دلچسپ نيوز) شينهن روڊ تي اچڻ سبب شهرين جون ڊوڙون لڳي ويون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪمبوڊيا جي شهر نوم پنا ۾ پالتو شينهن اوچتو روڊ تي نڪري آيو،

شينهن کلي عام شهر جي رستن تي گهمندو رهيو جنهن سبب شهرين ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، شهري پاڻ بچائڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄندا رهيا جنهن بعد مالڪ پهچي شينهن تي ضباطو آڻي کيس گهر وٺي ويو،

چيني واپاري پاران پاليل ان شينهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد انتظاميا شينهن کي پڪڙي ضبط ڪري ورتو پر بعد ۾ ڪمبوڊين وزيراعظم جي مداخلت تي انتظاميا اهو شينهن چيني مالڪ کي واپس ڪري ڇڏيو.