اسلام آباد (بيورو رپورٽ) موسمي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان ورلڊ اڪنامڪ فورم 2022ع ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سوئيٽزرلينڊ رواني ٿي وئي، شيري رحمان ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان ان فورم تي پاڪستان کي درپيش ماحولياتي چيلينجن بابت مامرو اٿاريندي، ان ڪانفرنس ۾ سياست، ڪاروبار، سول سوسائٽي، ميڊيا سان تعلق رکندڙ 2500 شخصيتون شرڪت ڪنديون، دنيا کي درپيش چيلينجن سوڌو ماحولياتي تبديلي ۽ ٻين مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، هن سال موسمي تبديلي ورلڊ اڪنامڪ فورم جي ڪانفرنس جي ايجنڊا جو اهم جز آهي، شيري رحمان ماحولياتي تبديلي جي موضوع تي خطاب ڪندي، عالمي ادارن ۽ غير ملڪي وفدن سان به ملاقاتون ڪندي.