اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ترجمان  حافظ حمد الله چيو آهي ته بلوچستان جي علائقي شيراني جي ٻيلن ۾ لڳل باهه انتهائي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي. باهه هن وقت 40 ڪلو ميٽر ٻيلي کي رک ڪري ڇڏيو آهي، ٽي ماڻهو باهه جي شعلن ۾ اچي شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. هن پڇيو ته 13 ڏينهن تائين رياست، صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون خاموش ڇو رهيون؟ نه ئي باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪنهن سطح تي ڪي اطمينان جوڳا قدم کنيا ويا. سندس چوڻ هو ته هاڻي 13 ڏينهن گذري وڃڻ کانپوءِ چيو پيو وڃي ته ايران کان جهاز گھرايو آهي، افسوس آهي ته هڪ ايٽمي رياست وٽ باهه وسائڻ جا وسيلا موجود ناهن، ايران کان خيرات ۾ جهاز وٺڻو پئجي رهيو آهي. پي ڊي ايم ترجمان جو چوڻ هو ته مارگلا جي جبل ۾ ٽڪ ٽاڪر ڇوڪري جي جهنگ کي باهه واري وڊيو تي اسلام آباد ۽ ميڊيا ۾ ٿرٿلو مچي ويو پر شيراني جي قديم ٻيلي جي باهه کي هيترن ڏينهن تائين ڪنهن به بحث هيٺ نه آندو ويو. حافظ حمد الله جو چوڻ هو ته سوال اهو آهي ته ڇا ضلعي شيراني جي ٻيلي ۽ اسلام آباد مارگلا جي ٻيلن ۾ فرق آهي؟ يا باهه ۾ فرق آهي يا ڪمال ٽڪ ٽاڪر ڇوڪري جو هو جو حڪومت ۽ ميڊيا مٿي تي کنيو.