اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته صدر عارف علوي پاران ڪنهن جي مشوري يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري آرمي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد فوجي آفيسرن جي جنازي ۾ شرڪت نه ڪرڻ قابل افسوس عمل آهي، صدر آئين جي آرٽيڪل 243 تحت سپريم ڪمانڊر طور جيڪڏهن سياسي وابستگيون ڪري فرض انجام کان قاصر آهي ته کيس فوري طور تي استعيفا ڏيڻ گهرجي، صدر کي پنهنجي سياسي وابستگي صدر جو عهدو سنڀالڻ وقت ئي ڇڏي ڏيڻ گهرجي ها، جيڪڏهن هو سياسي وابستگي نه ٿو ڇڏي سگهي ته عهدي تان استعيفا ڏئي، هو پي ٽي آءِ ورڪر طور ڪم ڪري رهيو آهي، صدر سياسي وابستگي ڪري صدر طور فرض نڀائڻ ۾ هي پهريون ڀيرو ناڪام نه رهيو آهي ان کان اڳ صدر پارليامينٽ کي قانونسازي کان روڪيو، پي ايم ڊي سي آرڊيننس کي سينيٽ پاران رد ڪرڻ باوجود ٻيهر جاري ڪيو، مختلف ادارن ۾ مقرريون آئين جي ڀڃڪڙي تي ٻڌل مشورن سان ڪيون، اعليٰ عدليه جي ججن خلاف غلط ريفرنس موڪليا، جن کي عدالتن رد ڪيو، بلوچستان سان تعلق رکندڙ اين ايف سي ميمبر جو به نوٽيفڪيشن صدر جاري ڪيو، جنهن کي رد ڪيو ويو، هن اسيمبلي کي تڏهوڪي وزيراعظم جي مشوري تي ٽوڙيو جيڪو پاڻ نااهلي جي مامري کي منهن ڏئي رهيو آهي.