شهناز انصاري قتل کان اڳ ڪنهن کي خط لکيو هو؟

0
507

ڪراچي: ايم پي اي شهناز انصاري پنهنجي قتل کان ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايس پي ۽ ڊي سي نوشهروفيروز کي خط لکي تحفظ جو مطالبو ڪيو هو

ٽائيم نيوز مقتول ايم پي اي جو پوليس ۽ انتظاميا کي لکيل خط هٿ ڪري ورتو، خط ۾ شهناز انصاري چيو هو ته منهنجي ڀيڻيوي زاهد کوکر جي موت کانپوءِ سندس ڀاءُ ۽ ڀائيٽيو منهنجي بيوهه ڀيڻ جي ملڪيت ڦٻائڻ چاهين ٿا

خط ۾ شهناز انصاري لکيو هو ته منهنجي بيوهه ڀيڻ ۽ مون کي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، منهنجو هي خط ريڪارڊ تي رکيو وڃي

نوشهروفيروز پوليس توڙي انتظاميا اهڙو خط لکڻ باوجود ايم پي اي کي تحفظ فراهم نه ڪيو

خط لکڻ جي ڪجهه ڏينهن بعد شهناز انصاري کي ڀيڻيوي جي چاليهي واري تقريب دوران گوليون هڻي قتل ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

پ پ قيادت ساٿ نه ڏنو، شهناز انصاري جي نياڻي مستعفي

شهناز انصاري قتل ڪيس ۾ رڳو هڪ جوابدار کي جنم ٽيپ: مقتولا جي ڌيءُ پاران انصاف جون دانهون