عمران خان قاتلاڻي حملي ۾ زخمي: هڪ اڳواڻ مارجي ويو: 9 ڄڻا زخمي

0
351

گوجرانوالا ۾ عمران خان جي ڪنٽينر ڀرسان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين زخمي ٿي پيو آهي

پوليس موجب گوجرانوالا ۾ الله والا چوڪ تي پي ٽي آءِ جي استقباليه ڪيمپ تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، جڏهن ته موقعي تي موجود سڪيورٽي اهلڪارن حملي آور کي گرفتار ڪري ورتو

الله والا چوڪ تي فائرنگ کان پوءِ سڪيورٽي اهلڪار فوري طور عمران خان وٽ پهچي ويا ۽ کيس محفوظ هنڌ منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي

صحافي ڪامران شاهد فائرنگ جي فوٽيج شيئر ڪئي

ڪنٽينر جي فلور تي رڳو رت ئي رت هو: عمران اسماعيل

پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته جيڪي ماڻهو عمران خان کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن انهن کي خبر هجڻ گهرجي ته ان سان پاڪستان ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ٿيندي ۽ عوام وڌيڪ منتشر ٿيندو

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته عمران خان کي مارڻ لاءِ 6 گوليون فائر ڪيون ويون،  جڏهن حملو ٿيو ته مان عمران خان جي ڀرسان بيٺو هئس ته هڪ شخص پسٽل ڪڍي ۽ سامهون کان فائرنگ شروع ڪري ڏني

عمران خان کي ساڄي ٽنگ ۾ گوليون لڳيون آهن، جڏهن ته احمد چشتي ۽ چوڌري محمد يوسف کانسواءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل جاويد به زخمي ٿي پيا آهن

هڪ نيوز چينل سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو ته فيصل جاويد کي گوليون لڳيون ۽ احمد چٺا سخت زخمي ٿي پيا، ٻڌايو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي

ذريعن موجب حملي آور پهريان برسٽ هلايو ۽ پوءِ فائرنگ ڪئي، پوءِ هڪ گولي هلائي، حملي آوور کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا پهريل آهن

عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪيون ٿا: محبوبه مفتي

والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير محبوبه مفتي فائرنگ ۾ عمران خان جي زخمي ٿيڻ جي واقعي جي مذمت ڪئي آهي

عمران خان تي حملي جو پلاند وٺنداسين: فواد چوڌري

گجرانوالا: پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اڄ عمران خان تي حملو ڪري ريڊ لائين ڪراس ڪئي وئي آهي، عمران خان تي حملي جو پلاند ڪيو ويندو

فواد چوڌري جو ڪارڪنن کي جذباتي خطاب ڪيو، عمران خان تي حملي کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن پاران راڻا ثناءُ الله خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

عمران اسماعيل چيو آهي ته عمران خان کي ڄنگهه ۾ 3 گوليون لڳيون آهن، فيصل جاويد ۽ احمد جاويد چٺه کي به گولي لڳي آهي

عمران خان حملي کانپوءِ ڪنٽينر مان ٻاهر نڪرڻ جي وڊيو

وزير اعظم طرفان عمران خان تي حملي جي مذمت، رپورٽ طلب ڪري ورتي

وزيراعظم شهباز شريف گوجرانوالا ۾ عمران خان مٿان حملي جي سخت مذمت ڪندي واقعي جي فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

وزيراعظم شهباز شريف وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب کان فوري رپورٽ طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

وزيراعظم جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت سڪيورٽي ۽ جاچ لاءِ پنجاب حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪندي، عمران خان تي فائرنگ جي واقعي کانپوءِ وزيراعظم پنهنجي پريس ڪانفرنس به ملتوي ڪري ڇڏي آهي

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته وزيراعظم کي چين جي دوري بابت اڄ پريس ڪانفرنس ڪرڻي هئي

عمران خان تي حملو انتهائي مذمت جوڳو آهي: سراج الحق

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي حملي کي انتهائي مذمت جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته هو گولين ۽ گارين جي سياست کي رد ڪري ٿو

قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل فيصل جاويد جو ردعمل سامهون اچي ويو

گوجرانوالا ۾ تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ دوران تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي ڪنٽينر تي فائرنگ جي نتيجي ۾ عمران خان سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا

فائرنگ ۾ سينيٽر فيصل جاويد خان پڻ زخمي ٿي پيو، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل جاويد چيو ته گولي منهن جي ويجهو ٿي گذري، سندس ساٿي پريشان آهن

اسپتال ٻاهران پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل جاويد خان چيو ته عمران خان ٺيڪ آهي، اسان حوصلا ڪمزور ٿيڻ نه ڏينداسين، واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، اسان جا حوصلا بلند آهن

هن چيو ته آزادي جي تحريڪ هاڻي نه رڪندي، عمران خان ٺيڪ آهي، سمورن ساٿين لاءِ دعاگو آهيون

شڪر آهي ته عمران نيازي محفوظ آهي: احسن اقبال

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ڪنٽينر تي فائرنگ جي مذمت ڪئي آهي

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ احسن اقبال چيو ته الله جو شڪر آهي ته عمران نيازي محفوظ آهي، سياست ۾ تشدد جي ڪا گنجائش ناهي

پنجاب جي وڏي وزير عمران خان تي حملي جو نوٽيس ورتو

پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۾ چيئرمين عمران خان جي ڪنٽينر ويجهو فائرنگ جي واقعي جو سخت نوٽيس ورتو آهي

وڏي وزير انسپيڪٽر جنرل آف پوليس کان رپورٽ طلب ڪندي چيو ته واقعي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ فائرنگ ۾ ملوث جوابدارن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي

چوڌري پرويز الاهي چيو ته فائرنگ جو واقعو ناقابل برداشت آهي، الله جو شڪر آهي ته عمران خان محفوظ آهي

احمد چٺا کي ٻڌايو ته وزيرآباد ۾ خان صاحب تي قاتلاڻو حملو ٿيندو: سينيٽر اعجاز چوڌري

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ ۽ سينيٽر اعجاز احمد چوڌري چيو آهي ته مون گذريل رات احمد ڄٺا کي فون تي ٻڌايو هو ته وزيرآباد ۾ خان صاحب تي قاتلاڻو حملو ٿيندو، ان ڪري قاتلاڻو حملو ٿيو