شهدادپور: اغوا ڄاڻايل ناري هٿ، بيان بعد مڙس حوالي

0
217

شھدادپور: پوليس پاران مبينا اغوا ڄاڻايل ناري هٿ، الزام هيٺ آيل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، ناري پاران اغوا ڪرڻ جو الزام رد، 164 جي بيان بعد ناري الزام هيٺ آيل نظير چانڊيو حوالي ڪئي وئي. پوليس اڳوڻي مڙس غلام حسين چانڊيو جي فرياد تي داخل ڪرايل اغوا ڪيس ۾ ناري رشيده کي هٿ ڪري اغوا الزام ھيٺ آيل جوابدار نظير چانڊيو کي گرفتار ڪري رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو. ناري رشيده بيان ڏنو ته ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، غلام حسين طلاق ڏني آهي، نظير  چانڊيو سان پيار پرڻو ڪيو آهي، ساڻس گڏ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. عدالت جوابدار نظير چانڊيو کي آزاد ڪري ناري رشيده کي سندس حوالي ڪري ڇڏيو.