سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج، ڌرڻا

0
192

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل، ڳڙهي حسن ۾ آبادگارن ۽ هارين جو ٺل – جيڪب آباد روڊ تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل ٿي  وئي، گپچاڻي ۾ به آبادگار پاڻي کوٽ خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويا آھن، سنڌڙي ۾آبادگارن مٺڙائو ڪئنال زبردستي کولي ڌرڻو هڻي ڇڏيو، فيڊر بند ڪرڻ لاءِ پهتل آبپاشي عملدارن ۽ آبادگارن ۾ منهن ماري ٿي.

ميرپور ماٿيلو ۾ آبادگارن ڊي سي آفيس کي تالا هڻي ڇڏيا، ميرو خان ۾ هاري جي ساريالو فصل سڙڻ تي احتجاج واري وڊيو وائرل ٿي، جوهي ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙ 46 آبادگارن ۽ هارين خلاف ڪيس داخل: بهرام ۾ وارهه ڪئنال جي آبادگارن جو پ پ ايم پي اي نادر مگسي جي گاڏي آڏو ڌرڻو، نادر مگسي طرفان ٻن ڏينهن اندر پاڻي ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي وئي.