ڪراچي ( م ڊ ) هڪ ڏينهن عمران حڪومت کي دفن ڪرڻ جي ڳالهه، ٻئي ڏهاڙي وري 2023ع جي اليڪشن  جي شفافيت جي مطالبي صحافين کي حيران ڪري ڇڏيو، اهي سوال اٿاريندا رهيا ته ڇا شهبازشريف تحريڪ انصاف حڪومت جو 2023ع تائين مينڊيٽ مڃي ورتو، اسلام آباد ڏانهن مارچ کانپوءِ شهبازشريف صاف صاف چئي ڇڏيو آهي ته نه مزاحمت ۽ نه مفاهمت، اسان 2023ع جي اليڪشن شفاف چاهيون ٿا، اسان کي قانون جي حڪمراني گهرجي، اپوزيشن ليڊر شهبازشريف وڌيڪ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ ڪنهن کي اسٽيبلشمينٽ کان ايتري سپورٽ ناهي ملي، جيتري هن حڪومت کي ملي آهي پر پوءِ به نالائق حڪومت فائدو نه کڻي سگهي،