شهباز شريف قومي حڪومت نه پر قومي مصالحت جي ڳالهه ڪئي هئي:مريم نواز

0
310

اسلام آباد:نواز ليگ جِي نائب صدر مريم نواز حڪومت جي ڪارڪردگي کي تباهي ۽ بربادي قرار ڏئي ڇڏيو، مريم نواز چيو ته مفاهمت ته پري جي ڳالهه پر انهن سان ڳالهائڻ به نه گهرجي.

شهباز شريف قومي حڪومت نه پر قومي مصالحت جي ڳالهه ڪئي هئي، موجوده حڪومت کي ٻاهر رکي، باقي پارٽيز کي گڏجي ملڪ لاءِ سوچڻ گهرجي، حڪومت اپوزيشن ۽ ميڊيا کي تنگ ڪري رهي آهي، ناجائز حڪومت جو احتساب انتقام آهي، حالتون تبديل ٿي ويون آهن، تمام جلد شيون تبديل ٿيندي نظر اينديون، ايون فيلڊ ڪيس ۾ مريم نواز خلاف ٻڌڻي 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.