ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ۽ ٻين پاران فورٿ شيڊيول ۾ نالا شامل ڪرڻ خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي دوران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي نوٽيس جاري ڪندي 29 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، عزيزالله ڀٽو، نوازشاھ ڀاڏائي، ممتاز بروهي، عابد حسين حيدري، غلام نبي کٽي، غفارميرجت، اياز سولنگي ۽  اسد الله سومرو پاران داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسان عوامي ماڻهو آهيون،  عوام جي حقن جي ڳالهه ڪندا آهيون، سنڌ ۽ وفاقي حڪومت اسان جا نالا فورٿ شيڊول ۾ وجهي هيسائڻ پيون چاهين ، اسان جي چرپر تي پابندي لڳائڻ سان گڏ اسان جون ملڪيتون به ضبط ڪيون ويون آهن، رياض چانڊيو ۽ ٻين استدعا ڪئي آهي ته اسان جا نالا فورٿ شيڊيول لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو وڃي. واضح رهي ته 25 جون  تي حڪومت رياض چانڊيو ۽ ٻين جا نالا فورٿ شيڊيول لسٽ ۾ شامل  ڪري سندن جي چرپر تي پابندي لڳائي هئي.