شهباز حڪومت جي دعويٰ ڌوڙ، ملڪ جي مختلف شهرن ۾ لوڊ شيڊنگ جاري

0
176
بجلي بچائڻ لاءِ ڪمرشل فيڊرز

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهباز حڪومت جي دعويٰ، دعويٰ جي حد تائين رهجي وئي، ملڪ جي مختلف شهرن ۾ لوڊ شيڊنگ جو سلسلو جاري آهي

توانائي واري وزارت سڄي ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي واعدي موجب آچر کان سڄي ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وئي آهي

توانائي واري وزارت جي اختيارين موجب سسٽم ۾ 2500 ميگا واٽ کان وڌيڪ اضافي بجلي شامل ڪئي وئي آهي، عيد جي موڪلن دوران ۽ ان کان پوءِ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ڪوشش به ڪري رهيا آهن

توانائي واري وزارت جي دعوائن جي ابتڙ سنڌ سوڌو ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب شهري پريشان آهن

لوڊشيڊنگ سبب ڳوٺن ۾ پاڻي کوٽ سبب روزيدار سخت گرمي ۾ پري پري کان پاڻي آڻڻ تي مجبور آهن, دادو ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

مظاهرين چيو ته دادو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ 16 کان 18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ آهي، اختيارين فوري طور تي بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائي

هن کان علاوه ڪراچي، حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص، پنجاب ۽ ڪي پي ۽ بلوچستان جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ به بجلي جي 16 کان 20 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ جاري آهي

ھي به پڙھندا

پاڪستان ۾ هڪ ٻيرو ٻيهر 2 عيدون، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ اڄ عيد ملهائي پئي وڃي