مسجد نبوي واقعو: ايم اين اي شيخ راشد شفيق ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

0
223

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اٽڪ جي ضلعي عدالت مسجد نبوي ۾ پيش ايندڙ واقعي تي گرفتارڪيل  قومي اسيمبلي ميمبر راشد شفيق کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي

ايم اين اي شيخ راشد شفيق کي اٽڪ جي ضلعي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي عدالت جي اندر ۽ چوڌاري سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا ۽ پوليس جي وڏي نفري کي مقرر ڪئي وئي

پوليس طرفان راشد شفيق جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي، جنهن تي جڊيشل مئجسٽريٽ جمال محمود شيخ راشد جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کيس عيد جي ٻئي ڏينهن ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو

ياد رهي ته راشد شفيق کي گذريل ڏينهن عمره ادا ڪرڻ کان واپسي تي اسلام آباد ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو هو، هن تي الزام آهي ته شهباز شريف جڏهن سعودي عرب ويو هو ان دوران هنن کي ڏسي ماڻهن چور چور جا نعرا هنيا هئا

ھي به پڙھندا

منهنجي جان کي خطرو آهي، 7 ماڻهو قتل ڪرائڻ چاهين ٿا: شيخ رشيد