سڪرنڊ ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گهر اندر سُتل نوجوان قتل، زال زخمي

0
227

سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گهر اندر سُتل نوجوان قتل، سندس زال زخمي ٿي پئي، ماڙي جلباڻي ٿاڻي جي حد ۾ ٻيلو ماڙي ۾ جوابدارن گهر اندر گهڙي فائرنگ ڪري ڏني، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ بلاول مڱڻهار مارجي ويو، سندس زال سيما زخمي ٿي پئي، ماڙي جلباڻي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمي ناري کي اسپتال منتقل ڪيو، نوجوان جي قتل بعد علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو.